جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ

جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ

جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ

جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ ( ڪتاب ):سٻاجهي سنت ۽ روحاني اڳواڻ ، دادا جشن واسواڻيءَ جي سوانح بابت نامياري ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ جو لکيل هي ڪتاب ، عام سوانحي ڪتابن کان مختلف آهي . هن سوانحي ڪتاب لکڻ لاءِ ريٽا شهاڻيءَ جيڪا ٻولي ۽ جيڪو اسلوب اختيار ڪيو آهي . ان ۾ عقيدت ۽ احترام ته شامل آهي ، پر اُها ٻولي ۽ اسلوب بيانيه نه پر تخليقي ۽ افسانوي به آهي ، جنهن ۾ حقيقتون وڻندڙ ۽ حسين لڳن ٿيون . هن جيونيءَ ( سوانح ) ۾ ڪلهه جي ٻارَ جشن جو اڄ جتي روحاني اڳواڻ دادا جشن واسواڻيءَ تائين وارو سفر نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو . ڪتاب کي جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي . پهرئين ڀاڱي ۾ ذيلي عنوان: دادا ، ڪالهه ۽ اڄ ، پريوار ( خاندان ) جو پسمنظر ، ڌرم ڇا آهي؟ ، فقيرن سان سمپرڪ ( لاڳاپو ) ، عقل ۽ روح جي راند- ڪنهن کٽيو ، خود ڪلامي ( دادا جي زباني ) -1 ، ڀڳتي مارگ روحاني راهه جون رڪاوٽون ، ايم . ايس . سي ڊگري ، پريکشائون- آزمائشون ، پهرين تقرير- اڄ ۽ڪالهه ، ميران تعليمي موومينٽ جي اسٿاپنا ( سنڌ ۾ ) ، ميران موومينٽ ( هند ۾ ) ، خود ڪلامي ( دادا زباني ) - 2 ، پرنسپالشپ وارو سمو ، خود ڪلامي ( دادا زباني ) -3 ، هڪ سپنو شامل آهن .
ٻئي ڀاڱي جي ذيلي عنوانن ۾ پوجيه دادا جشن واسواڻي ، وديشي ياترائون ، دادا جشن جيئن مون ڏٺو 1-2 ، هلو ته آڪاش ويکون ، سنڌڙي جيءَ جندڙي ، اسين سڀ هڪ آهيون ، سنڌ جي ياترا ، خودڪلامي ( دادا جي زباني ) -4 ، شهر ، حيدرآباد جو اڳوڻو ميران اسڪول ، روح رهاڻ جي سرهاڻ ، سنڌي روح رهاڻ ، ڪراچيءَ ۾ ، دادا جا نوان پستڪ ، سنڌي ٻولي ۽ سنسڪرتيءَ جي وڪاس جا اُدم وغيره .
هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 210 صفحن تي مشتمل آهي ، جيڪو آگسٽ 2008ع ۾ گيتا پبلشنگ هائوس ، ساڌو واسواڻي مشن ، پوني پاران شايع ٿيو آهي . خوبصورت چئن رنگن جي ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 75 روپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو